اسلام آباد ( بيورو ) صدارتي چونڊن لاءِ مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار جي نالي تي مخالف ڌر ورهائجي وئي آهي، پ پ چوڌري اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. گڏيل صدارتي اميدوار لاءِ مخالف ڌر ورهايل نظر اچي رهي آهي جڏهن ته پ پ اعتزاز احسن جي نالي تي مسلم ليگ ن جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چوڌري اعتزاز احسن کي صدارتي اميدوار بڻائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان کان مدد گهري ورتي آهي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته ماضي گذري ويو، هاڻي اسان کي اڳتي ڏسڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته مسلم ليگ ن اسان جي ڳالهه سمجهندي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۾ ڪيترائي ڳالهه سمجهندڙ ماڻهو آهن، شهباز شريف سمجهدار سياستدان آهي، مٿس وڏي ذميواري آهي، ن ليگ ۽ پ پ کي ڇڪتاڻ ختم ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان جو اميدوار پ پ جو نه پر پاڪستان جو اميدوار آهي. خورشيد شاهه چيو ته چوڌري اعتزاز احسن کي دنيا ذاتي طور سڃاڻي ٿي ۽ سندس تاريخ آهي، اسان سڀني جو هڪ ئي مقصد آهي ته گڏجي سياست ڪيون جنهن تي ماضي جو پاڇو نه هجي. جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان اڄ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مخالف ڌر جون پارٽيون گڏ ٿي وڃن جڏهن ته مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته صدارتي اميدوار جو نالو اڄ سامهون آندو ويندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته صدارتي چونڊن لاءِ نمبر پورا آهن، پي ٽي آءِ جو اميدوار عارف علوي ئي صدر ٿيندو.