نئون پاڪستان هر هال ۾ ٺهندو ۽ عمران خان ئي نئون پاڪستان ٺاهيندو: عثمان بزدار

لاهور (اين اين آءِ) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار سان سي ايم هائوس ۾ تونسا تعلقي جي نيڪ مردن جي وفد ملاقات ڪئي، وفد وڏ وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي سردار عثمان بزدار کي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، عثمان بزدار وفد سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان 22 ڪروڙ عوام لاءِ نئين اميد آهي ۽ مان پنهنجي قائد جي سوچ موجب صوبي جي عوام جي خدمت ڪندس ۽ قوم جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪنداسين، هن چيو ته نئون پاڪستان هر هال ۾ ٺهندو ۽ عمران خان ئي نئون پاڪستان ٺاهيندو، مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ هڪ نئون سفر شروع ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان سڀني جو هڪ ئي عزم آهي اهو آهي عوام جي خدمت، گڊ گورننس سان ڪرپشن جو هميشه لاءِ خاتمو ڪنداسين، هن چيو ته پوليس کي مضبوط ۽ سياسي اثر کان آزاد ڪرڻ سان اصل تبديلي ايندي، ميرٽ تي ڪم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ ميرٽ ئي اسان جي پهرين ترجيح آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *