لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته موجوده حڪومت ۾ نوان ماڻهو نه پر پراڻا چهرا آهن، چونڊن کان اڳ ئي سڀ فيصلا ٿي ويا هئا. لاهور ۾ جماعت اسلامي جي يوم تاسيس جي موقعي تي رٿيل خاص تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جهڙيون چونڊون ٿيون، ان بابت سڄي دنيا کي خبر آهي، سڀ فيصلا چونڊن کان اڳ ئي ٿي ويا هئا، ان باوجود اسان چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو ته ماضي ۾ هڪ ڀيرو چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، جيڪو درست فيصلو ثابت نه ٿيو. هن چيو ته اسان حڪومت کي وقت ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن خبر پئي ته ان جا ڪيل واعدا ڪيتري حد تائين سچ ثابت ٿين ٿا، جماعت اسلامي جو مشن اليڪشن يا وزارت ناهي. سندس چوڻ هو ته اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو نوان ناهن پر پرويز مشرف، پ پ ۽ ن ليگ سان به اهي ئي ماڻهو گڏ هئا.