ڪاميابي ۾ ڌانڌليءَ جي ملاوٽ آهي، ڪالاباغ ڊيم اتفاق سان ٺهڻ گهرجي: حمزا شهباز شريف

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز شريف چيو آهي ته اقتدار اچڻي وڃڻي شيءَ آهي، اسان کي خواهش ناهي، اڄ مئنڊيٽ ۾ ڌانڌلي جي ملاوٽ آهي، وقت جهڙو نه رهندو آهي، وقت تبديل ٿيندو آهي، ڪڏهن ايوان اندر ڪير ته ڪڏهن وري ڪير هوندو آهي، ماضي ۾ سڀني کان غلطيون ٿيون آهن پر اسان مستقبل کي ٺيڪ ڪري سگهون ٿا، اسان کي ملڪ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پنجاب اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز شريف چيو ته 25 جولاءِ تي پاڪستان جو عوام سڀ ڪجهه ڇڏي ٽي وي تي ويٺل رهيو پر رات 11 وڳي 47 منٽن تي ٻڌايو ويو ته آر ٽي ايس سسٽم ويهي ويو آهي. هن چيو ته آر ٽي ايس سسٽم نه پر پاڪستاني جمهوري نظام کي ويهاريو ويو، اليڪشن ڪميشن جي هڪ اعليٰ آفيسر ٻڌايو ته پنج وڳي تائين پولنگ ٺيڪ هلي، 9 وڳي کانپوءِ ڪالز ملڻ شروع ٿي ويون ته پولنگ ايجنٽس کي اندر بند ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄوڪي مئنڊيٽ ۾ ڌانڌلي جي ملاوٽ آهي، پاڪستان لاءِ اسان جي ماڻهن جان جي قرباني ڏني آهي، اڄوڪي ڏينهن لاءِ قربانيون نه ڏنيون آهن، سڀ چئي رهيا آهن ته ڌانڌلي ٿي آهي. حمزا شهباز شريف چيو ته پاڪستاني قوم جواب گهري رهي آهي، 70 اهڙا تڪ آهن جتي ڪاميابي جو مارجن رد ٿيل ووٽن کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم سياست جي ور چڙهي ويو نه ته 6 هزار ميگا واٽ سستي بجلي پيدا ڪئي وڃي ها، اتفاق ٿئي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *