وڏي تبديلي اچڻ واري آهي، ماڻهن کي نوڪريون ملنديون: عارف علوي

ڪراچي( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ تبديلي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي، تبديلي جو رستوکليو آهي، عمران خان اڄ روڊ ميپ جو اعلان ڪندو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ڪراچي وارن جو خاص طور تي ٿورائتو آهيان، صدارتي اميدوار نامزد ڪرڻ تي عمران جو ٿورائتو آهيان، هر صوبي ۾ انساني حقن جو خيال رکيو ويندو، ڪراچي ۾ خاص ڪري ٽرانسپورٽ، پاڻي، ڪچري سميت سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. هن چيو ته عوام سان تعلق ختم نه ٿو ٿي سگهي، صدر رهي به تعلق برقرار رکڻ چاهيان ٿو. سندس چوڻ هو ته وڏي تبديلي اچڻ وارو آهي، ماڻهن کي نوڪريون ملنديون، جنهن جو واعدو عمران خان ڪيو آهي. عارف علوي چيو ته جهڙو به بالر آهي يا جهڙو به بيٽسمين عمران سان سڀني کان ڪم وٺندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *