مراد علي شاهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

ڪراچي(م ڊ ) پ پ جو سيد مراد علي شاهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ ڪئي وئي. قائد ايوان لاءِ پ پ جي مراد علي شاهه ۽ گڏيل مخالف ڌر جي شهريار مهر ۾ مقابلو ٿيو. راءِ شماري ۾ 158 ميمبرن راءِ جو حق استعمال ڪيو. مراد علي شاهه 97 ووٽ کڻي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو جڏهن ته شهريار مهر کي 61 ووٽ ملي سگهيا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي چئن ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. مخالف ڌر جون 2 عورتون شاهانه اشعر ۽ ڊاڪٽر سيما ضياءَ ميمبرشپ جو قسم نه کنيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جا 2 ميمبر عمران اسماعيل ۽ راجا اظهر به اسيمبلي نه پهتا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *