وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو

اسلام آباد ( بيورو ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، چونڊ لاءِ رڳو عمران خان ۽ شهباز شريف پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب وزارت عظميٰ لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ 2 وڳي تائين وصول ڪيا ويا ۽ مقرر وقت تائين ٻن ميمبرن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. وزات عظميٰ لاءِ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ اميدوارن جي نالن جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو. وزيراعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي4 جي چونڊ شام ساڍي 3 وڳي شروع ٿيندي جنهن دوران قائدايوان جي چونڊ ڪئي ويندي. هر اميدوار لاءِ قومي اسيمبلي هال ۾ هڪ هڪ لابي مخصوص هوندي جيڪو اسيمبلي ميمبر جنهن اميدوار کي ووٽ ڏيڻ چاهيندو تنهن لابي ۾ هليو ويندو جنهن بعد ميمبرن جي ڳڻپ کانپوءِ اڪثريت حاصل ڪرڻ وارو اميدوارملڪ جو نئون وزيراعظم هوندو. قومي اسيمبلي جي قائدن موجب 342 جي ايوان ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ڪنهن به اميدوار کي 172 ووٽ وٺڻا پوندا جيڪڏهن 172 جي اڪثريت نه ملي ته ايوان جي اڪثريتي ميمبرن مان چونڊ ڪئي ويندي. قومي اسيمبليءَ ۾ قائد ايوان جي چونڊ لاءِ ڪاميابي عددي اڪثريت رکندڙ پارٽي جي هوندي. قومي اسيمبليءَ ۾ 152 سيٽون تحريڪ انصاف وٽ آهن جڏهن ته مسلم ليگ ن جون ايوان ۾ 81 ۽ پ پ جون 54 سيٽون آهن. مجلس عمل 15، ايم ڪيو ايم 7، بي اي پي 5،بي اين پي مينگل 4،مسلم ليگ ق3، جي ڊي اي 3، عوامي مسلم ليگ، جمهوري وطن پارٽي۽ اي اين پي جي هڪ هڪ سيٽ حاصل آهي جڏهن ته 4 سيٽون آزاد اميدوارن وٽ آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *