عبدالقدوس بزنجو بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجي ويو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان اسيمبلي جو 15هون اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. اسپيڪر لاءِ ٿيندڙ ووٽنگ ۾ 59 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته ن ليگ جو نواب ثناءُ الله زهري ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ نه آيو. ان موقعي تي بلوچستان عوامي پارٽي جو عبدالقدوس بزنجو 39 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊجي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي محمد نواز کي 20 ووٽ مليا، پوءِ راحيلا دراني، عبدالقدوس بزنجي کان سندس عهدي جو حلف ورتو. ان موقعي تي راحيلا دراني جو چوڻ هو ته بلوچستان اسيمبلي جي پهرين عورت اسپيڪر چونڊجڻ تي مون کي فخر آهي، ماڻهو اسپيڪر بڻجڻ سولو سمجهندا آهن پر اهو ڏکيو ڪم آهي. هن نئين چونڊيل اسپيڪر کي پاڪستاني پرچم جو بيج پيش ڪيو ۽ کيس مبارڪ ڏني، پوءِ عبدالقدوس بزنجي اسپيڪر جي سيٽ سنڀالي ورتي. سندس چوڻ هو ته مان ساٿ ڏيندڙ پارٽين جو ٿورائتو آهيان، ڪوشش هوندي ته ايوان کي غير جانبداري سان هلايان. واضح رهي ته عبدالقدوس بزنجو 4 جون 2013ع کان 22 مئي 2015ع تائين بلوچستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر رهي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *