شريف خاندان جي درخواست: نيب پراسيڪيوٽر کي سومر تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف ۽ ٻين جي سزا معطل ڪرڻ لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر کي سومر تائين دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نيب کي عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي 10 هزار ڏنڊ وڌو. شريف خاندان جي جي سزا معطل ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪئي وئي. نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته سومر تي ڪيس مڪمل ٿي ويندو. جسٽس گل حسن رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري درخواست ملتوي ڪرڻ جو چئي رهيا آهيو، منهنجي 10 سالن جي پريڪٽس ۾ اهڙو ڪو به مثال ناهي. جسٽس اطهر من الله پراسڪيوٽر کان سوال ڪيو ته ڇا نيب توهان تي اعتماد نه ڪري رهي آهي، نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر موقف اختيار ڪيو ته لاڳاپيل اٿارٽي کان هدايتون حاصل ڪرڻيون آهن، مون کي آفيس مان هدايت وٺڻي پوندي، مون کي پڇڻو پوندو ته ڪيس ڪيئن جاري رکي سگهان ٿو يا نه؟  ان دوران سردار مظفر ۽ نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. سردار مظفر چيو ته مان عدالت سان ڳالهائي رهيو آهيان، وچ ۾ نه ڳالهايو، خواجه حارث چيو ته مان به عدالت سان ڳالهائي رهيو آهيان. جسٽس اطهر من الله چيو ته توهان ٻئي اسان لاءِ احترام جوڳا آهيو، ايئن نه ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *