بلاول جي ليڊر شپ ۾ اپوزيشن جو مڪمل ڪردار ادا ڪنداسين: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جيڪا قانون سازي پاڪستان ۽ عوام لاءِ ٿيندي، ان ۾ رنڊڪ نه بڻجنداسين ۽ بلاول جي ليڊر شپ ۾ اپوزيشن جو مڪمل ڪردار ادا ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته مان پنهنجي پارٽي ۽ هن ايوان طرفان قومي اسيمبلي اسپيڪر کي مبارڪ ڏيان ٿو، هيءَ ملڪ جي خود مختيار پارليامينٽ آهي، فخر آهي ته منهنجي پارٽي ۽ اڳواڻن ان کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجون حياتيون ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته ايندڙ وقت ۾ به پارٽي ۽ اپوزيشن جي ڪوشش هوندي ته ان وقار کي بحال رکون، هن ملڪ ۾ جيڪا جمهوريت بينظير ڀٽو جي شهادت سبب نظر ايندي آهي، ان کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، اهو اسان تي لازمي آهي ته ڪهڙي طريقي سان پارليامينٽ جي حاڪميت کي قائم رکون ٿا. خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو نه ڪري پر ان جو ڪريڊٽ هاڻوڪي اپوزيشن ۽ پارليامينٽ ڏانهن وڃي ٿو، اڄ به عهد ڪيون ٿا ته ڀرپور ڪوشش هوندي پاڪستان، آئين، قانون ۽ عوام لاءِ، جن جون اميدون پارليامينٽ ۾ آهن ۽ اسان ماڻهن سان جيڪي واعدا ڪيا آهن، اهي پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃون. پ پ اڳواڻ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي اڄ تائين اسان جون جمهوريت لاءِ قربانيون رنگ لائي رهيون آهن، اسان صبر سان پنهنجي جمهوريت کي قائم رکيو، همت نه هاري ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آصف زرداري جي ليڊرشپ ۾ 5 سال پورا ڪري تاريخ لکي سين. سندس چوڻ هو اميد آهي ته حڪومت جيڪا واعدا ڪيا، اهي پورا ڪندي، ڪوشش ڪنداسين ته انهن کي موقعو ڏيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *