پاڪستان جي پهرين ريموٽ سنسنگ سيٽلائٽ پي آر ايس ايس 1 ڪم شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان جي پهرين ريموٽ سنسنگ سيٽلائٽ (پي آر ايس ايس 1) اڄ کان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. منصوبابندي واري وزارت موجب پي آر ايس ايس 1 کي 19 جولاءِ تي چين مان خلا ڏانهن موڪليو ويو هو ۽ اڄ سيٽلائٽ جو مڪمل ڪنٽرول پاڪستان سنڀالي ورتو.  ملڪ صدر ممنون حسين ۽ نگران وزير اعظم ناصر الملڪ سپارڪو جي انجنيئرن ۽ سائسندانن کي اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي واڌايون پيش ڪيون. ٻنهي اڳواڻن پيغام ۾ چيو ته اهو اهم سنگ ميل ملڪ جي 71هين جشن آزادي تي حاصل ڪيو ويو. ملڪ جي صدر ۽ نگران وزير اعظم جو چوڻ هو ته سيٽلائٽ کي خلا ۾ موڪلڻ ۽ فعال بنائڻ خلائي انجنيئرن جي اعتماد ۾ اضافو ڪندو، اِها سيٽلائٽ سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ۽ ان اهم سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ تي پاڪستنا قوم کي فخر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *