پ پ طرفان عمران اسماعيل جي بيان تي پي ٽي آءِ کان پاليسي واضح ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي( م ڊ ) پ پ جي نامزد گورنر عمران اسماعيل جي بيان تي تحريڪ انصاف کان پارٽي پاليسي واضح ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙي چيو ته عمران اسماعيل کان گورنرشپ جو عهدو هضم نه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن هن بد زباني بند نه ڪئي ته احتجاج ڪنداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت سنڌ ۾ تڪراري گورنر جي فيصلي تي نظرثاني ڪري. سندس چوڻ هو ته عمران اسماعيل گورنر جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي چڪو آهي، بلاول هائوس اڳوڻي وزيراعظم ۽ صدر جو گهر آهي، بلاول هائوس جون ڀتيون ڪيرائڻ جي بيان تي تحريڪ انصاف قيادت پارٽي پاليسي بڻائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *