اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نئين پارليامينٽ ۾ نوجوان ۽ غريب طبقي جو نمائندو آهيان، نئين حڪومت مان اميد آهي ته اها قوم جي اميدن تي پورو لهندي. ڪالهه سومر ڏينهن نئين چونڊيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت جي سربلندي جي لاءِ اسان جون قربانيون رائيگان نه وينديون، آئون پنهنجي ووٽرن جا ٿورا مڃيان ٿو، پارليامينٽ ۾ نوجوانن ۽ غريب طبقي جي نمائندگي ڪندس، انهن جا حق حاصل ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ آواز بلند ڪندس، نئين حڪومت ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ قانونسازي ڪري، پيپلزپارٽي تعاون ڪندي، عوام جي حقن جي خلاف ۽ مسئلا حل نه ڪرڻ تي پيپلزپارٽي ڀرپور طريقي سان اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندي. هن چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جو نمائندو آهيان، اميد آهي ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف نوجوانن جي لاءِ روزگار جي فراهمي ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪيل واعدا پورا ڪندي.