اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻ عمران خان جو ويزن آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيوور)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد جي قومي اسمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته مختلف معاملن تي مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ عمران خان جو ويزن آهي. پي ٽي آءِ وفد ۾ اسد قيصر، پرويز خٽڪ، عمر ايوب ۽ فواد چوڌري شامل هئا، جن اسپيڪر هائوس ۾ اياز صادق سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قومي اسمبلي جي پهرين اجلاس ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته وفد اياز صادق کي عمران خان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته حڪومت ۽ اپوزيشن معاملا صلاح مشوري سان هلايا وڃن جڏهن ته پي ٽي آءِ وفد چونڊن بابت خدشن تي به ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته اسپيڪر طور پهرين اجلاس جي ڪاروائي قانون موجب هلائيندس.  ان موقعي تي پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف، مسلم ليگ ن سميت ٻين پارلياماني پارٽين سان ورڪنگ ريليشنز کي اهم سمجهي ٿي. هن چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏ کڻي نه هلندسين ته معاملا اڳتي نه وڌندا، مختلف معاملن تي اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻ عمران خان جو ويزن آهي. هن جو چوڻ هو ته اياز صادق سان ملاقات جو مقصد ن ليگ جي پارلياماني اڳواڻ کي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ هو. فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيون ٿا ته متحدا مجلس عمل(ايم ايم اي) ۽ ٻين پارٽين کي به گڏ کڻي هلون جڏهن اڄ شام پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪنداسين. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، معيشت سميت ٻيا اهم چيلنج سامهون آهن، انڪري مسئلن کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، هن وقت ملڪ کي ايڪي جي ضرورت آهي. ياد رهي ته 13 آگسٽ(سڀاڻي) قومي اسمبلي جو افتتاحي اجلاس سڏايو ويو آهي جنهن ۾ نوان چونڊيل اسمبلي ميمبر حلف کڻندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *