پوليس ٿاڻن ۾ تشدد تي پابندي هئڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ان جو خاتمو ڪندي: نعيم الحق

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته پوليس اسٽيشنن ۾ تشدد تي پابندي هئڻ گهرجي ۽ اسان جي حڪومت ٿاڻن ۾ تشدد جو خاتمو ڪندي. ٿاڻن ۾ شهرين تي تشدد واري معاملي تي پي ٽي آءِ  وڏو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته تحريڪ انصاف ٿاڻن ۾ تشدد جو خاتمو ڪندي اسان ڪوشش هوندي ته عمران خان جي وزيراعظم جي حلف کڻڻ جي فوري بعد حڪم جاري ڪري ڇڏيون، پي ٽي آءِ  جو خيال آهي ته پوليس ٿاڻن تي تشدد تي پابندي هئڻ گهرجي. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت جو اجلاس اڄ بني گالا ۾ ٿيندو جنهن ۾ عمران خان جي وفاقي ڪابينا ۽ حڪومت سازي بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *