اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان 18 آگسٽ تي وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻندو. صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر پنهنجي عهدي جو قسم کڻندا. قسم کڻڻ کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. وزيراعظم جي چونڊ لاءِ اجلاس جشن آزاديءَ جي موڪل کانپوءِ طلب ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان 18 آگسٽ تي وزارت عظميٰ جي عهدي جو قسم کڻندو. تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل جاويد به عمران خان جي قسم کڻڻ لاءِ 18 آگسٽ جي تاريخ مقرر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. مخالف ڌر جي گرينڊ الائنس پاران عمران خان جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو آهي جڏهن ته خورشيد شاهه قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جو اميدوار آهي.