اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا ملاقات ڪئي. بني گالا ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڀارتي هاءِ ڪمشنر عمران خان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون ۽ کيس ڀارتي قيادت جو پيغام پهچايو. عمران خان ۽ اجي بساريا جي ملاقات ۾ پاڪ ڀارت لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ان موقعي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه ۾ به موجود هو. پي ٽي آءِ جي پڌرائي موجب ملاقات ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي عمران خان طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. عمران خان جو چوڻ هو ته اميد ٿو ڪيان ته سارڪ سربراهه اجلاس جلد اسلام آباد ۾ رٿيو ويندو. ڀارتي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ هو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه مان اميد جنم ورتو آهي، ڀارت پراميد آهي ته پاڪستان سان لاڳاپا مثبت ثابت ٿيندا.