ادارن جي خلاف بيان پيپلزپارٽي فضل الرحمان سان گڏ نٿي ڏيئي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ادارن جي خلاف بيانن تي پيپلزپارٽِ فصل الرحمان سان گڏ نٿي ڏيئي سگهي خورشيد شاهه، شيرين رحمان ۽ وڌيڪ مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه ڪندا پي ٽي آءِ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هيٺ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي ويئي ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري مولانا فصل الرحمان جي بيان تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو هن چيو ته اپوزيشن اتحاد ۾ صرف چونڊ ڌانڌلي تي ڳالهه ڪئي وڃي ۽ ادارن جي خلاف ڪنهن بيان جو حصو نه بڻايو وڃي پارليامينٽ جي اندر موثر احتجاج ۽ قانوني طريقو اختيار ڪيو وڃي ياد رهي ته پ پ پ جو اجلاس گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *