جنهن کي پڪڙڻ گهرجي ان کي ڇڏيو ويندو آهي: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار اين آءِ سي ايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته جنهن کي پڪڙڻو هوندو آهي ان کي ڇڏيو وڃي ٿو سپريم ڪورٽ ۾ اين آءِ سي ايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو آهي ته جيڪو پاڪستان ۾ هوندو آهي ان کي گرفتار ڪيو ويندو آهي مون کي ڄاڻ آهي ته ڪيئن سياسي طور تي ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ موڪليو ويندو آهي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نيب کي اڳوڻي چيئرمين اياز خان نيازي جي گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته جنهن کي پڪڙڻو هو اهو ته ملڪ مان ٻاهر ڀڄي ويو آهي. چيف جسٽس پڇا ڪئي ته جاچ دوران نيب ماڻهن کي ڇو کڻي ويندي آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته جيڪو شخص توهان جي قيد ۾ ايندو آهي ان کي نيب پڪڙي وٺي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *