گم ڪيلن بابت جيڪو عدالت جي وس ۾ آهي، اهو ڪري پئي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان داخل ڪيس جي ٻڌڻي عدالت گم ٿيل شهري مجيب الرحمان جي بازيابي جي ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر اميرشيخ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.عدالت ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽراميرشيخ کي جاچ ڪري 30 آگسٽ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.درخواست گذار مجيب الرحمان جي گهر واري ثمرين چيو ته جي آءِ ٽي ۾ شامل پوليس آفيسر جي بدلي ٿيندي آهي .جي آءِ ٽي سهڪار نه ڪري رهي آهي .9 مهينن کان مڙس گم آهي .مڙس زنده آهي يا مري ويو آهي ٻڌايو وڃي .جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته جيڪو عدالت جي وس ۾ آهي اهو ڪري رهي آهي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *