اسلام آباد (اين اين آءِ) پئرس کان اسلام آباد ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي اي 705 ۾ اي سي سسٽم بند هئڻ سبب هڪ تازو ڄاول ٻار بيهوش ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي مسافرن جي هالت خراب ٿي ويئي اربع تي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل واقعي جي وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو ته جهاز جو اي سي سسٽم خرام ٿيڻ جي ڪري ڪئبن ۾ سخت ٻوسٽ واري صورتحال پيدا ٿي جڏهن ته مسافرن جي شڪايت تي به عملي ڌيان نه ڏنو انهيءَ دوران هڪ تازو ڄاول ٻار بيهوش ٿي ويو وڊيو ۾ نظر اچي سگهي ٿو ته ٻار جي ماءُ لڙ ڪندي عملي کي چئي رهي آهي ته اي سي نٿو هلي ته دروازو ئي کولي ڇڏيو ٻين مسافرن پاران به سخت احتجاج ڪيو ويو. واقعي جي حوالي سان ڳالهائيندي پي آءِ اي ترجمان مشهود تاجور جو چوڻ هو ته کيس اڃا تائين انتظاميه پاران اهڙو ڪوئي واقعو رپورٽ ناهي ڪيو ويو پر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جو جائزو ورتو پيو وڃي هن چيو ته هن معاملي تي جاچ ٿي رهي آهي ۽ عملي جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي جيڪڏهن عملي پاران مسافرن سان اهڙي قسم جو رويو پيش آيو آهي ته ان جي خلاف ضرور ايڪشن کنيو ويندو.