پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي ٻطرفي سهڪار کي نهايت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ؛صادق سنجراڻي

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيئرمين سينيٽ محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻطرفو ڀائراڻو لاڳاپن کي ٻين شعبن ۾ وڏائڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي ٻئي ملڪ وڌيڪ تعاون لاءِ نوان موقعا تلاش ڪري سگهن ٿا چيئرمين سينيٽ سعودي عرب جي سفير نواف بن سيد الماڪي سان ملاقات ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيوت ه پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا تاريخي ۽ ثقافتي هڪجهڙائن تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي چيئرمين سينيٽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي ٻطرفي سهڪار کي نهايت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي سعودي سفير سينيٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا هن ٻڌايو ته سعودي عرب پاڪستان جي حق ڪوٽا کي وڌيڪ وڌائڻ تي به غور ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *