راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته رياست انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ جو عزم ڪيو آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته آرمي چف جنرل قمر جاويد باجوه آءِ ايس پي آر جو دورو ڪيو. آرمي چيف آءِ ايس پي آر ۾ انٽرنيز سان ملاقات ڪئي ۽ انٽرن شپ مڪمل ڪرڻ تي شاگردن کي واڌايون ڏنيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته اعتماد آهي ته پاڪستان جا نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي محسوس ڪري رهيا آهن، نوجوان پاڪستان کي امن ۽ ترقي جي نئين دور ڏانهن وٺي ويندا. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي. جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته اڄ جنگ جي نوعيت ۽ ڪردار بدلجي چڪا آهن، هائبرڊ وار ۾ نوجوان هاڻ اسان جي دشمنن جو وڏو هدف آهن. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته نوجوان پرعزم رهن ۽ اهڙن سمورن خطرن کي شڪست ڏين. پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام ۾ نوجوانن جي ڪردار جي تعريف ڪندي آرمي چيف چيو ته طويل عرصي تائين نظرانداز ڪيل ۽ جنگ مان متاثر علائقن کي ڊگهي امن، مضبوطي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ سهولتون ملڻ گهرجن. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته تعليم اسان جي قومي ترجيح هئڻ گهرجي ۽ پاڪ آرمي ان قومي مقصد جيلاءِ مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي خاص ڪري بلوچستان ۾. هن چيو ته بلوچستان ۾ نسٽ ڪيمپس ۽ خوشحال پاڪستان اسان جي عزمن جو ثبوت آهي.