پوليس سڌارا هميشه ئي عدليه جي خواهش رهي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پوليس ۽ انتظاميا جا فيصلا عوام تي نظرانداز ٿيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس سڌارن بابت اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معاملا هيٺين سطح تي حل نه ٿيڻ سبب سپريم ڪورٽ تائين پهچي ويندا آهن. هن چيو ته پوليس سڌارا هميشه ئي عدليه جي خواهش رهي آهي، آءِ جي سنڌ جي مقرري ڪيس ۾ شعيب سڊل ڌيان ڏياريو. چيف جسٽس چيو ته ڪيترائي انتظامي قدم فيصلا ڪالعدم قرار ڏيڻ جو سبب بڻجندا آهن، جن غلطين جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي اُهي ئي ورجايون وينديون آهن. هن چيو ته سڌارن لاءِ ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جون تجويزون وٺنداسين، جائزو وٺنداسين ته قانون سازي لاءِ معاملو پارليامينٽ موڪليون يا نه. چيف جسٽس چيو ته پوليس ۽ انتظاميا جا فيصلا ۽ بندوبست شهرين تي سڌو سنئون اثر انداز ٿيندا آهن، انهن ۾ انصاف ضروري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *