اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن پي بي 41 واشڪ مان ڪامياب ٿيندڙ اميدوار جي سوڀ جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي هدايت ڪندي پي بي 41 واشڪ جي ريٽرنگ آفيسر ۽ پرزائيڊنگ آفيسر کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، سومر تي اليڪشن ڪميشن ۾ پي بي 41 واشڪ جي ٻن پولنگ اسٽيشن تي ٻيهر ڳڻپ واري معاملي تي ميمبر سنڌ عبدالغفار سومرو جي سربراهي ۾ 4 ميمبرن واري ڪميشن ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار مجيب رحمان محمد حسني جو وڪيل اليڪشن ڪميشن اڳيان پيش ٿيو، وڪيل چيو ته ٻن پولنگ اسٽيشنز نمبر 44 ۽ 45 جا ووٽ شامل نه ڪيا ويا آهن، اين اي 270 ۾ انهن ٻن پولنگ اسٽيشن جا ووٽ شامل ڪيا ويا، پولنگ اسٽيشن 44 ۽ 45 ۾ ڪل 315 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، ڪامياب اميدوار جو صرف 219 ووٽن جو فرق آهي، هتي انهن ٻن پولنگ اسٽيشنز جا ووٽ شامل ڪيا وڃن ته مجيب رحمان ڪامياب ٿي ويندو، قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ ٻن پولنگ اسٽيشن جا ووٽ شامل ڪيا، جڏهن ته پي بي 41 ۾ ووٽ شامل نه ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن پي بي 41 واشڪ جي ريٽرنگ آفيسر کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل ونگ کي ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي هدايت به ڪئي آهي.