قومي اسيمبلي اسپيڪر جي چونڊ، خورشيد شاهه جو اختر مينگل سان رابطو

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار خورشيد شاهه رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ۽ هن بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل کي فون ڪري کيس حمايت جي درخواست ڪئي آهي. خورشيد شاهه موجب پ پ سدائين جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، اسان جمهوري عمل جو تسلسل چاهيون ٿا. اختر مينگل جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن ۾ اسلام آباد ايندس ۽ پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشوري کانپوءِ حتمي جواب ڏيندس. واضح رهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي طرفان مرڪز ۽ صوبي ۾ حڪومت جو حصو بڻجڻ بابت اڃا تائين فيصلو ناهي ڪيو ويو ۽ پارٽي قيادت حڪومت سازي جي حوالي سان صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *