ايم ڪيو ايم سان معاملا طئي، ڪراچي کي خاص مالياتي پيڪيج ڏينداسين: جهانگير ترين

لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ وفاق ۾ حڪومت سازي تي معاملو طئي ٿي ويو ۽ جهانگير ترين چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته عمران خان سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان معاهدي تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ميمورنڊم تي به صحيح ٿي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جهانگير خان ترين چيو ته ڪراچي پوليس مان سياسي مداخلت کي ختم ڪنداسين ۽ اسان ڪراچي جي لاءِ خاص مالياتي پيڪيج ڏينداسين، ماضي ۾ ڪراچي کي نظرانداز ڪيو ويو ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي، سيوريج ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا آهن، حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ گهرجي، بلدياتي اختيارن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ۾ هن جو ساٿ ڏينداسين، ڪراچي جو عوام ڀرپور طريقي سان اسان جو ساٿ ڏنو آهي. ان موقعي تي خالد مقبول صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي دعوت تي هتي آيا آهيون، اسان جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه طئي ٿيو آهي اُهو آئيني تقاضن ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ سان گڏجي هلنداسين، آدم شماري جي معاملي تي ايم ڪيو ايم سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، آدم شماري جي معاملي تي پي ٽي آءِ خاطري ڪرائي آهي، تڪ بندين جي معاملي تي به پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته اڄ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ٻنهي جو مينڊيٽ آهي، هاڻ سڄي پاڪستان ۾ انتظامي بنيدا تي نوان يونٽ بڻجڻ گهرجن، ڪراچي آپريشن جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي وفد خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ عمران خان ملاقات ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *