اسلام آباد (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ امڪاني وزيراعظم عمران خان وزيراعظم جي عهدي لاءِ حلف کڻڻ واري تقريب سادگي سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان فواد چوڌري مطابق عمران خان حلف کڻڻ واري تقريب نهايت سادگي سان ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي جنهن ۾ ٻاهرين شخصيتن کي نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي فواد چوڌري چيو ته حلف کڻڻ واري تقريب مڪمل طور تي قومي تقريب هوندي جيڪا سادي سان ٿيندي ۽ عمران خان ايوان صدر ۾ حلف کڻندو ان کان اڳ نعيم الحق جو چوڻ هو ته عمران خان عوام آڏو حلف کڻڻ جو خواهشمند آهي جنهن لاءِ ڊي چوڪ يا پريڊ گرائونڊ وارو هنڌ غور هيٺ آهي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عمران خان جي حلف کڻڻ واري تقريب ۾ سندس ڪجهه دوستن کي ٻاهرين ملڪ مان گهرايو ويندو ۽ دوستن کان سواءِ ڪنهن ٻاهرين شخص کي دعوت نه ڏني ويندي.