اسلام آباد (بيورو) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر هائوس ۾ رهائش اختيار نه ٿو ڪري سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف سان سان ڪهڙو ٺاهه ڪيو آهي اڳتي هلي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته اها ايم ڪيو ايم جي جي مرضي آهي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم لاءِ پنهنجو گهر موجود آهي، عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر هائوس ۾ رهي نه ٿو سگهي، اسپيڪر هائوس پارليامينٽ جي پراپرٽي آهي، جنهن ۾ اسپيڪر کانسواءِ ڪو به رهي نه ٿو سگهي.