سعد رفيق تڪ اين اي 131 جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق تڪ اين اي 131 جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت ڪامياب اميدوار عمران خان، اليڪشن ڪميشن سميت تڪ اين اي 131 جي ريٽرنگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي اڄ خميس تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، گذريل ڏينهن جسٽس معمون رشيد خواجه سعد رفيق جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار پاران اعظم علي تارڙ ايڊووڪيٽ پيش ٿيو، سعد رفيق جي موقف موجب اين اي 131 ۾ ريٽرنگ آفيسر عمران خان کي 603 ووٽن تان ڪامياب قرار ڏنو هو، ريٽرنگ آفيسر کي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني ته صرف رد ڪيل ووٽن جي ڳڻپ ڪئي وئي، پهريان سمورن ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور ڪئي وئي ۽ پوءِ ان کي رد ڪيو ويو، درخواست گذار اپيل ڪئي ته ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو وڃي جنهن تي عدالت عمران خان، اليڪشن ڪميشن سميت تڪ اين اي 131 جي ريٽرنگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي اڄ خميس تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *