ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تحت جولاءِ ۾ 21 ارب رپيا وصول ڪيا ويا

اسلام آباد (بيورو) ايمنسٽي اسڪيم جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ 31 جولاءِ تائين 15 هزار پاڪستانين ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ اثاثا ظاهر ڪري ٽيڪس جي مد ۾ 21 ارب رپيا جمع ڪرايا. هوڏانهن فيڊرل بيورو آف روينيو دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ جولاءِ 2018ع ۾ 6.6 سيڪڙو واڌ سان 225 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل سال ان مد ۾ 211 ارب رپيا جمع ڪرايا ويا هئا پر انهن انگن اکرن ۾ ايمنسٽي اسڪيم جي حوالي سان جمع ڪيل ٽيڪس شامل ناهي. ايف بي آر اختيارين موجب مالي سال جي پهرين مهيني ۾ وصول ڪيو ويندڙ ٽيڪس وصول ٿي چڪو آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال جو هدف مڪمل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. ان حوالي سان فراهم ڪيل وڌيڪ ڄاڻ موجب ايف بي آر اين لينڊ روينيو ۾ هڪ سئو 73 ارب رپيا وصول ڪيا، جڏهن ته گذريل سال انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ هڪ سئو 70 ارب رپيا وصول ڪيا ويا هئا، اهڙي ريت ان ۾ 1.76 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ايف بي آر اختيارين جو خيال آهي ته انٽرنل روينيو سروسز جي مد ۾ وصول ٿيندڙ رقم هڪ سئو 80 ارب رپين تائين ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *