جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) اڳوڻي ضلعي ناظمه بيگم سعيده سومرو چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ وارن مان آهيون. بنگلي تي اچڻ وارن کي ڌڪا ڇو ڏيندا سون. اهڙي پروپيگنڊا اسان مخالف ڪري رهيا آهن جنهن کي شڪست هضم نه ٿي ٿئي. عوام ووٽ جي طاقت سان ظالمن کي شڪست ڏني. اهڙن خيالن جو اظهار تعلقه يونين آف جرنلسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي بيگم سعيده چيو ته جيڪب آباد ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاءِ ديهه بدل واهه ۾ مفت زمين ڏيڻ جو اعلان ڪيو جيڪا اڃان تائين نه ورتي وئي آهي. جيڪڏهن ان وقت زمين ورتي وڃي ها ته هن وقت ڪيڊٽ ڪاليج تيار ٿي وڃي ها. پر مهانگي زمين خريد ڪري سرڪاري فنڊ ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. بيگم سعيده سومرو وڌيڪ چيو ته ڊيره الهيار ۾ بي گهرن کي گهر تعمير ڪرڻ لاءِ ترڪي حڪومت کي 50 ايڪڙ زمين تحفي ۾ ڏني. هن چيو ته قيدين کي مٺي پاڻي لاءِ هڪ هزار فوٽ لائين ذاتي خرچ سان هڻائي ڏني. جڏهن ته جيل وارڊ ۾ ٿڌي پاڻي جا واٽر ڪولر پڻ ڏنا ويا، غريبن ۾ راشن. بيوائن ۾ سلائي مشينون، معذورن ۾ وهيل چيئر ز ڪافي تعداد ۾ ورهايون ويون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ڪير چئي ٿو ته سيلاب دوران اسان جيڪب آباد جي عوام کي اڪيلو ڇڏيو هو سيلاب دوران اسان متاثرين جي مدد لاءِ سعودي حڪو مت جي تعاون سان هزارن جي تعداد ۾متاثر خاندانن لاءِ سامان ۽ راشن ورهايوسين. ۽ غريب ڇوڪرين کي ڏاج ڏئي شاديون پڻ ڪرايون سين. بي گهرن کي گهر ٺهرائي ڏناسين. هر سال محمد ميان سومرو جي سالگره تي قيدين ۾ تحفا ۽ کاڌ خوراڪ ورهائيندا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڏيڊ ارب جو منصوبو شهرين کي مٺي ۽ صاف پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو ويو جيڪو به هٿرادو تباهه ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن 2018 ۾ محمد ميان سومرو کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائڻ تي جيڪب آباد جي عوام جو شڪريو ادا ڪيو.