سنڌ جي گورنر استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي گورنر محمد زبير جو پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان. نئين حڪومت جي چونڊجڻ کان پوءِ هاڻي وٽس گورنر جي عهدي تي رهڻ جو جمهوري ۽ اخلاقي طور تي ڪو به جواز نه آهي ان ڪري هو استعيفا ڏئي رهيو آهي. مون پنهنجي استعيفا صدر مملڪت کي موڪلي ڇڏي آهي جنهن جي منظوري جو فيصلو صدر مملڪت ڪندو : گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس  سنڌ جي گورنر محمد زبير پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نئين حڪومت جي چونڊجڻ کان پوءِ هاڻي وٽس گورنر جي عهدي تي رهڻ جو جمهوري ۽ اخلاقي طور تي ڪو به جواز نه آهي ان ڪري و استعيفا ڏئي رهيو آهي ان سلسلي ۾ مون پنهنجي استعيفا صدر مملڪت کي موڪلي ڇڏي آهي جنهن جي منظوري جو فيصلو صدر مملڪت ڪندو گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گورنر جي مقرري وفاق جو اختيار آهي نئين حڪومت جنهن کي چاهيندي ان کي گورنر مقرر ڪندي هن چيو ته مون پنهنجا فرض ديانتداري ۽ ايمانداري سان ادا ڪيا جنهن لاءِ مان الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان هن چيو ته گورنر جي حيثيت ۾ صوبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪوششون ڪيون جڏهن ته ڪراچي ۾ امن امان جي قيام لاءِ ٽيم جو حصو رهڻ تي فخر آهي مون پنهنجي مقرري دوران صوبي جي وسيع تر مفاد لاءِ ڪم ڪيو .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *