هاڻي عوام جي حڪمراني هلندي:تحريڪ انصاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ رابطا ڪرائڻ طور ڊاڪٽر عشرت العباد جو نالو آڏو اچي رهيو آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ اڳوڻي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي موجب عشرت العباد ذريعي ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اڳوڻي سنڌ جي گورنر موجب تحريڪ انصاف وڏي دل جو مظاهرو ڪيو خالد مقبول ۽ دوستن هاڪاري اشارا ڏنا آهن. تفصيل موجب ڪراچي جي سياست ۾ عشرت العباد خان هڪ دفعو ٻيهر داخل ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم کي گڏ کڻي هلڻ جو ارادو ڏيکاريو ويو ڊاڪٽر عشرت العباد چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ بهتر ورڪنگ رليشن لاءِ ڪردار ادا ڪندس. هن چيو ته ڪراچي جي بهتري کانسواءِ ملڪ ۽ معيشت مٿي نه ٿي اچي سگهي، شهر مان ووٽ وٺندڙن کي به اهميت ڏيڻي پوندي. انهن کي گڏ کڻي اڳتي وڌڻو پوندو. رتوڇاڻ ۽ تباهي گهڻي ٿي چڪي، تبديلي آڻڻي پوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *