ڪراچي (م ڊ) ضلعي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان علي اصغر چيو آهي ته ڪراچي جا نتيجا آخري مرحلي ۾ آهن، سمورن پولنگ ايجنٽن کي فارم 45 جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي. سياسي پارٽين طرفان الزامن تي ردعمل ڏيندي ريجنل اليڪشن ڪميشن ڪراچي جو چوڻ هو ته نتيجا آخري مرحلي ۾ آهن، 6 ضلعن جي تڪن جا غير حتمي نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته سمورن اميدوارن جي پولنگ ايجنٽن کي فارم 45 جي ڪاپيون فراهم ڪيون ويون، ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تان فارم 45 جي کوٽ جي حوالي سان ڪو اطلاع وصول ناهي ٿيو ۽ نه ئي ان ڏس ۾ ڪنهن اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي.