اسلام آباد (بيورو) سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي، جنهن ۾ 10 ڪروڙ 59 لک 55 هزار 409 ووٽ پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا، جڏهن ته 25 جولاءِ تي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. عام چونڊن لاءِ پولنگ جو سامان پهچائڻ وارو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ۽ بيلٽ پيپرن سميت ٻيو سامان فوج جي نگراني ۾ پولنگ اسٽيشنز تائين پهچايو ويو آهي. پنجاب ۾ 6 ڪروڙ 6 لک 72 هزار 870 ۽ سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 23 لک 97 هزار 244 ماڻهو ووٽ وجهي سگهندا، جڏهن ته ڪي پي ۾ هڪ ڪروڙ 53 لک 16 هزار 299 ۽ بلوچستان ۾ 42 لک 99 هزار 494 ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. ان کانسواءِ فاٽا جا 25 لک 10 هزار 154 ۽ اسلام آباد جا 7 لک 65 هزار 348 شهري ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري موجب سڄي ملڪ ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جو مجموعي انگ 11 هزرا 677 آهي، جن ۾ قومي اسيمبلي لاءِ سياسي پارٽين جي اميدوارن جو انگ 1805 آهي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي 1623 آزاد اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ صوبائي اسيمبلي سيٽن تي سياسي پارٽين جي اميدوارن جو انگ 3856 آهي، جڏهن ته 4399 اميدوار 4399 اميدوار آزاد حيثيت ۾ صوبائي اسيمبلين لاءِ چونڊ وڙهي رهيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 172 ۽ صوبائي اسيمبلي سيٽن تي 386 اميدوار آهن، جڏهن ته اقليتن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي 44 ۽ صوبائي تي 113 اميدوار آهن.