لاهور (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثارچيو آهي ته الله ڪري چونڊن جي نتيجي ۾ هن ملڪ کي ايماندار وزيراعظم نصيب ٿئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس (ر) فخر النساءِ کوکر جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته مون توهان سان واعدو ڪيو هو ته چونڊون ٿينديون ۽ وقت تي ٿينديون، قوم سان واعدو ڪيو هو ته جيستائين سپريم ڪورٽ آهي جمهوريت کي ڇيهو نه رسندو، عدليا ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي کي قائم رکندي ۽ جمهوريت جو علم بلند رهندو. هن چيو ته اسان عملي طور ماڻهن کي انصاف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جي اداري کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدليا جي بدنامي پاڪستان لاءِ المناڪ ڏينهن هوندو ۽ جيڪڏهن اسان جو ادارو ڪمزور ٿي ويو ته ملڪ ڪمزور ٿي ويندو. چيف جسٽس چيو ته سازش تحت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏنو ويو. اسان جي 15 ڏينهن جي ڪوشش سان ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي شروعات ٿي، اهي ڊيم ٺهڻ سان پاڪستان ۾ بهتري ايندي.هن چيو ته عهدو سنڀاليم ته کير به خالص نه پئي مليو. بنيادي حقن جهڙي ايڪٽو ازم جو حامي نه هيس. پر خال ڀرڻ لاءِ جڊيشل ايڪٽو ازم طرف اچڻو پيو. ٻارن جي کير ۽ پاڻي جي کوٽ کان ڪم شروع ڪيو. هن چيو ته پاڻي کانسواءِ ڪا زندگي نه آهي. هاڻ چين سان گڏجي ڪم ٿي رهيو آهي ته هوا مان به پاڻي حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تنقيد ڪئي ويندي آهي. عدليه جي طاقت سان ملڪ ۾ آڻين ۽ جمهوريت قائم رهندي. هن چيو ته هميشه ڪوشش ڪئي ته انصاف لفظي نه هجي پر ٿيندي نظر به اچي. آئون ننڍو ماڻهو آهيان. مون ۾ تڪبر نالي ڪابه شئي نه آهي. دعا آهي ته ملڪ کي اهڙو ليڊر ملڪي جيڪو حضرت عمر فاروق جهڙا قدم کڻي.