عوام جا مسئلا رڳو پ پ ئي حل ڪري سگهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جو مقابلو ڪنهن پارٽي يا سياستدان سان نه پر غربت جي خاتمي ۽ بيروزگاري سان آهي، جيڪي ڪنهن ٻئي جو ڪم ڪندا آهن اهي عوام جو نٿا ڪري سگهن. چونڊ مهم جي آخري ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ جيالن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان شهيد بي بي جو واعدو نڀائينداسين، پاڪستان بچائينداسين، شهيد ڀٽو سڀ کان وڌيڪ روزگار ڏنو هو، اهو نعرو مشهور هو ته ”بينظير آئي گي روزگار لائي گي“. هن چيو ته پ پ جو منشور سدائين عوام دوست رهيو آهي، اسان بُک ختم ڪيو پروگرام آڻينداسين، پروگرام تحت غذائي کوٽ جو مقابلو ڪنداسين ۽ يو سي سطح تي فوڊ اسٽور کولينداسين. سندس چوڻ هو ته پ پ جو مقابلو ڪنهن پارٽي يا سياستدان سان نه پر غربت ۽ بيروزگاري سان آهي، رڳو پ پ ئي عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي، هن ڏکي جدوجهد ۾ توهان جو ساٿ ضروري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *