لاهور ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز خلاف ڪارروائي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس لاءِ سپريم ڪورٽ رجسٽريءَ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي نواز شريف جو ويجهو ساٿي ۽ عرفان صديقي جو مائيٽ آهي، هو عدليه جو مخالف ۽ سياسي ايجنڊا رکندڙ آهي، سندس تڪراري تقرير مان لڳي ٿو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي اپيل جي ٻڌڻي ڪرڻ پئي چاهي. درخواست جي متن ۾ آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي ملڪي ادارن خلاف بيان جاري ڪيو جيڪا سندس پنهنجي قسم جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪي وفاداري کان منهن ڦيرڻ برابر آهي. درخواستگذار چيو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي پنهنجي عهدي تي رهڻ جي اهليت وڃائي چڪو آهي، تنهن ڪري اعليٰ معاملي جو نوٽيس وٺي.