پرعزم ۽ ثابت قدم آهيون، اسان جي شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپگهاتي حملي ۽ اڪرام الله گنڊاپور جي شهادت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي اڳواڻن کي امن ۽ جمهوري عمل جا دشمن نشانو بڻائي رهيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد آپگهاتي حملي ۾ تحريڪ انصاف اميدوار اڪرام الله گنڊاپور جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو اسان وڌيڪ هڪ محب وطن سياسي اڳواڻ کان محروم ٿي ويا آهيون، سياسي اڳواڻن کي امن ۽ جمهوري عمل جا دشمن نشانو بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان پرعزم ۽ ثابت قدم آهيون، اسان جي شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *