اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هدايتن باوجود سيڪيورٽي جا مناسب انتظام ڇو نٿا ڪيا وڃن. چيف اليڪشن ڪمشنر ڪي پي جي نگران وڏي وزير، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته هدايتن باوجود سيڪيورٽي جا مناسب انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟. هن هدايت ڪئي ته سمورن اميدوارن کي بنا امتياز سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ چونڊن لاءِ ماحول پرامن ۽ سازگار بڻايو ويو. واضح رهي ته ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ اميدوار اڪرام الله گنڊاپور شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. اڪرام الله گنڊاپور ڪي پي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 99 تان تحريڪ انصاف جو اميدوار هو.