پرڏيهي مخلوق اندرين مافيا سان مليل آهي: عمران خان

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پرڏيهي مخلوق اندرين مافيا سان مليل آهي، جنهن بابت جلسي ۾ عوام کي آگاهه ڪندس. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته چونڊن کان اڳ هي سنڌ جو آخري دورو آهي، اسان هر علائقي ۾ وڃي ماڻهو گڏ ڪري رهيا آهيون ۽ عوام کي ٻڌائي رهيا آهيون ته پنهنجي مستقبل لاءِ درست فيصلو ڪيو، ڇو ته پاڪستان جو مستقبل انهن جي فيصلي سان سلهاڙيل آهي. هن چيو ته جلسن ۾ ايندڙ رنڊڪون ختم ڪيون وڃن، عوام کي سيڪيورٽي ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته مان سيڪيورٽي خدشن باوجود پنهنجي مهم جاري رکي ۽ اڳتي به رکندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *