سيوهڻ (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو آهي، ايتريون تڪراري نه ٿيڻ گهرجن. پ پ چيئرمين سيوهڻ پهچي لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي چونڊ مهم زور شور سان جاري آهي، هن وقت اسان جو سڄو ڌيان چونڊن تي آهي، خدشا آهن پر چونڊ مهم جاري رکندس. هن چيو ته چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو آهي، ايتريون تڪراري نه ٿيڻ گهرجن، پ پ مسئلن جو مقابلو ڪندڙ اڪيلي پارٽي آهي، اڳ به مسئلن کي منهن ڏنو ۽ هاڻ به ڏئي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته مان ووٽرن کي متحرڪ ڪري رهيو آهيان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اميدوارن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ڪمزور جمهوريت کان آمريت بهتر آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ڪاميابي پ پ جي ٿيندي، سمورين رنڊڪن باوجود چونڊون کٽينداسين، منهنجي ويڙهه رڳو چونڊن ۾ نه پر اڳتي لاءِ به آهي.