سپريم ڪورٽ اسلام آباد کان اسڪردو جي پي آءِ اي جي ڳرن ڀاڙن تي پي آءِ اي، سول ايويئيشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد کان اسڪردو جي پي آءِ اي جي مهانگي ڀاڙن تي پي آءِ اي، سول ايويئيشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، چيف جسٽس، پي آءِ اي ايئر سفاري، بدانتظامي ۽ مارخور جي نشان بابت سي اي او، پي آءِ اي مشرف رسول کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي مقرري، پگهار ۽ مراعتون وٺڻ بابت معاملو نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل ٽن ميمبرن واري بينچ ٻڌڻي ڪئي، اسلام آباد کان اسڪردو جي پي آءِ اي جي ڳرن ڀاڙڻ تي عدالت ڪاوڙجي پئي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خانگي ايئر لائين کي اترئين علائقن ۾ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيو، سپريم ڪورٽ پي آءِ اي، سول ايويئيشن ۽ ٻين کي نوٽِيس جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس چيو ته اترئين علائقن جا ماڻهو ملڪ سان پيار ڪن ٿا، ڳرن ڀاڙن سان اترئين علائقن جي سياحت متاثر ٿي آهي، ماڻهن وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، رڳو هڪ پاسي جو ڀاڙو 12 هزار 3 سئو رپيا زيادتي آهي، گلگت بلتستان جو عوام روئي ٿو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايڏن ڳرن ڀاڙڻ تي سياحت متاثر ٿي رهي آهي، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته ان ڀاڙي تي نظرثاني ڪئي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايئر سفاري تي ڪير ڪير ويو، اجازت ڪنهن ڏني، سي اي او پي آءِ اي مشرف رسول ٻڌايو ته ڪل 112 مسافر هئا جن ۾ 42 مهمان مسافر هئا، چيف جسٽس ريمارڪس چيو ته ڇا انهن 42 مهمان مسافرن کان ڀاڙو ورتو ويو، پي آءِ اي جي سي اي او ٻڌايو ته انهن 42 مهمان مسفارن کان ڀاڙو نه ورتو ويو آهي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مهمان مسافرن کي ڪنهن چونڊيو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيتري پگهار وٺو ٿا، مشرف رسول ٻڌايو ته منهنجي 14 لک پگهار آهي، عدالت سي اي او کي 42 مهمان مسافرن جا خرچ ذاتي پگهار مان ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته ان جي مقرري لاءِ ڪابينا جي اجلاس جو ڇا ٿيو، ڇو نه اهڙي آفيسر کي هٽائي ٻئي کي مقرر ڪيون، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جهلي ڇڏيو هو ته مار خور جو نشان نه لڳايو ۽ لڳل نشان هٽايو، چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪالهه اسلام آباد کان ڪراچي ايندي به مارخور جو نشان ڏٺو، سي او اي چيو ته اسان کي ڪم نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي، ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان جي ڪري ڪهڙو ڪم رڪيل آهي، سي اي او چيو ته اسان جي خلاف پروپگنڊا ڪئي وڃي ٿي، اسان ڪو غلط ڪم نه پيا ڪريون، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سفارش تي ڀرتي ٿي اهڙا ڪم ڪريو ٿا، عدالت مارخور جي نشان تي سي اي او کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو، چيف جسٽس، نيب کي پي آءِ اي جي سي اي او جي مقرري، پگهار ۽ مراعتون وٺڻ جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *