اسلام آباد( بيورو ) سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جي موقعي تي سڪيورٽي لاءِ فوج جا 3 لک 71 هزار ۽ پوليس جا 4 لک 49 هزار 465 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ اسٽيشن اندر ۽ ٻاهر 2، 2 جوان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پوليس اهلڪارن مان پنجاب ۽ اسلام آباد ۾2 لک 2100 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 599 اهلڪار مقرر ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڪي پي ۾ 87 هزار 269 ۽ بلوچستان ۾ 59 هزار 497 پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سڄي ملڪ ۾ 16 لک جي لڳ ڀڳ چونڊ عملو خدمتون سر انجام ڏيندو جنهن ۾ 85 هزار 307 پرزائيڊنگ آفيسر ڊيوٽي ڏيندا جڏهن ته 5 لک 10 هزار 356 اسٽسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 2 لک 55 هزار 178 پولنگ آفيسر 25 جولاءِ تي ڊيوٽي ڏيندا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 48 هزار 610 پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 2 لک 81 هزار 62 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر جڏهن ته هڪ لک 40 هزار 534 پولنگ آفيسر مقرر ٿيندا. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ ۾ 17 هزار 747 پرزائيڊنگ آفيسر، هڪ لک 22 هزار 204 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 61 هزار 102 پولنگ آفيسر ڊيوٽي ڏيندا. ڪي پي ۽ فاٽا ۾ 14 هزار 530 پرزائيڊنگ آفيسر، 83 هزار 692 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 41 هزار 846 پولنگ آفيسر خدمتون سر انجام ڏيندا. اهڙي نموني بلوچستان ۾ 4 هزار 420 پرزائيڊنگ آفيسر 23 هزار 398 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 11 هزار 699 پولنگ آفيسر مقرر ٿيندا. اليڪشن ڪميشن موجب سڄي ملڪ ۾ 131 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، قومي اسيمبلي لاءِ 272 رٽرننگ آفيسر ۽ 600 اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر هوندا، جڏهن ته صوبائي اسيمبلين لاءِ 577 رٽرننگ آفيسر ۽ هڪ هزار 140 اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن موجب سڄي ملڪ ۾ ڊي آر اوز ۽ آر اوز جو مجموعي تعداد 2 هزار 720 آهي.