ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردن سان گڏجي اسان تي حملا ڪيا: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام وٽ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ واحد آپشن آهي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل تنظيمن سان لاڳاپا قائم ڪيا ۽ دهشتگردن سان گڏجي اسان تي حملا ڪيا. تفصيل موجب لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام وٽ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ واحد آپشن آهي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل تنظيمن سان لاڳاپا بڻايا ۽ ٻنهي پارٽي دهشتگردن سان گڏجي اسان تي حملا ڪيا. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسان جو ڌيان رڳو ان تي آهي ته عوام کي اِهي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن، جي ٽي روڊ تي سفر ڪرڻ بعد واپس ڪراچي وڃي رهيو آهيان، عوام طرفان چونڊ مهم دوران ڀرپور جواب ڏنو ويو. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ مثبت ۽ ايشوز جي سياست ڪري سگهجي ٿي، نفرت جوڳي ۽ گارين جي سياست مان شايد فائدو ٿئي پر ملڪ کي نقصان ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته اليڪشن کٽيون يا هاريون اسان عوام ۾ هڪ اميد پيدا ڪئي آهي، اسان کي مثبت سوچ سان گڏ اڳتي وڌڻو آهي، ملڪ کي ترقي ڏيڻي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *