مينگوره(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پشاور ميٽرو ڪرپشن جو ميگا منصوبو آهي، عمران خان خيبرپختونخواهه جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مينگوره ۾ ورڪر ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. شهباز شريف چيو ته ن ليگ دور ۾ 11 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ گذريل حڪومت جو 80 ميگا واٽ پلانٽ خراب ٿي ويو، ڪي پي حڪومت اصل ۾ ناڪاري 8 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي آهي. مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته ن ليگ حڪومت گهٽ ترين وقت ۾ 11 هزار ميگا واٽ جا منصوبا لڳايا، لاهور ميٽرو 30 ارب ۾ بڻي، پشاور ميٽرو68 اربن تائين پهچي وئي، هاءِ ڪورٽ پشاور ميٽرو جو ٺيڪو بليڪ لسٽ ڪمپني کي ڏنو، حڪوتم ملي ته مالا ڪنڊ، مينگوره سوات جي لاهور جيان خدمت ڪنداسين، سر لڳائيندس، سوات مينگوره ۽ مالاڪنڊ کي سهولتون ڏنيون وينديون.هن وڌيڪ چيو ته پهرين پختون آهيان بعد ۾ پنجابي آهيان، پاڪستان پنجاب، ڪي پي، سنڌ، فاٽا ۽ بلوچستان جو نالو آهي، پختونن سان دل سان محبت ڪندو آهيان، سوات ۽ مالا ڪنڊ وارن گهڻيون قربانيون ڏنيون، زندگي رهي ته ڪي پي کي پنجاب بڻائيندس، پشاور کي لاهور بڻائيندس، سوات کي پاڪستان جو بهترين سياحتي مقام بڻائيندس.