راولپنڊي(م ڊ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ملي پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف اڊيالا جيل ۾ فلاحي ڪم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب احتساب عدالت مان سزا مليل اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف اڊيالا جيل ۾ فلاحي ڪم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان هن جيل انتظاميا سان ڳالهيون به ڪيون ۽ پنهنجي ذاتي اسٽاف کي جيل ۾ فلاحي ڪمن جو ٽاسڪ فوري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. نواز شريف جيل انتظاميا سان جيل ۾ موجود ڏنڊ ادا نه ڪندڙن جي فهرست طلب ڪري ورتي جنهن بعد هو پنهنجي ذاتي خرچ مان پيسا ادا ڪري قيدين کي آزادي ڏياريندو. اڳوڻي وزير اعظم جيل انتظاميا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هو جيل ۾ پاڻي جي لاءِ بورنگ ڪرائيندو ۽ جنهن قيدي جي بيرڪ ٻاهران شيڊ ناهي اهو اهو به تيار ڪرائيندو. ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جيل نواز شريف کي اسٽاف جي تفصيل ڏني. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏنڊ جي عدم ادائيگي تي جيل ۾ بند غريب قيدين جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن نواز شريف قيدين جا ڏنڊ اد ڪندو ته ڪيترن ئي قيدين کي آزادي ملي ويندي.