ڪراچي(م ڊ) سڄي ملڪ جي جيلن ۾ قيد 80 هزار شهري ” حق ۽ سهولت“ جي باوجود چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ کان محروم آهن. جيل مينوئل موجب ڪنهن به قيدي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي ۽ قيدي بيلٽ پيپر ذريعي جيل انتظاميا بابت پريذائيڊنگ آفيسر کي درخواست ڏئي بيرڪ ۾ گهرائي سگهي ٿو پر قيدين جي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن طرفان ڪو به بندوبست نظر ناهي آيو. پنجاب جي 40 مختلف جيلن ۾ هڪ هزار عورتن سميت 49 هزار 100 قيدي آهن جڏهن ته سنڌ جي 26 جيلن ۾ 200 عورتن سميت قيدين جو انگ 19 هزار کان وڌيڪ آهي. اهڙي ريت خيبرپختونخواهه جي 23 جيلن ۾ 220 عورتن سميت 10 هزار 50 ۽ بلوچستان جي 11 مختلف جيلن ۾ 20 عورتن سميت 2100 کان وڌيڪ قيدي موجود آهن. جيل مينوئل ۾ چونڊ عمل جي حوالي سان سوال ڪرڻ تي تازو ئي آءِ جي جيل خانه جات سنڌ جي عهدي تاب تبديل ڪيل آفيسر نصرت منگن چيو ته ڪنهن به قيدي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي. هن چيو ته قيدي پنهنجو بيلٽ پيپر جيل انتظامي جي مدد سان لاڳاپيل پريذائيڊنگ آفيسر کي درخواست ڪري جيل ۾ گهرائي سگهي ٿو ۽ ڪاسٽ ڪري لفافو موڪلي پنهنجي مرضي جي اميدوار کي ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهي ٿو. نصرت منگن موجب قيدين کي ان حوالي سان شعور يا آگاهي ناهي ۽ جيل انتظامي به هرو ڀرو ڪم وڌائڻ کان پاسو ڪري. ذريعن موجب سڄي پاڪستان جي جيلن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان هن وقت تائين اهڙا خاص بندوبست يا قدم سامهون ناهن آيا جنهن ذريعي جيلن ۾ قيد گڏيل طور تي 80 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين کي 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قانوني طور تي حق هئڻ جي باوجود استعمال ڪرايو وڃي. جيل ذريعن موجب مئي 2013ع جي چونڊن به قيدين کي ان سهولت کان آجو ڪيو ويو جڏهن ته 2008ع جي اليڪشن ۾ سنڌ مان رڳو 10 قيدين کان ووٽ ڪاسٽ ڪرايا ويا.