فوج پريزائيڊنگ آفيسر جي ماتحت ڪم ڪندي: اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته اليڪشن واري ڏينهن فوج پريزائيڊنگ آفيسر جي ماتحت ڪم ڪندي. تاثر ڏنو پيو وڃي ته فوج آزاد حيثيت ۾ ڪم ڪندي اهو غلط آهي. تفصيل موجب سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشڻ جي سيڪريٽري بابر يعقوب جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ واٽر مارڪ بيلٽ پيپر ڏنا ويندا. سمورين پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳل هونديون. اسان وٽ 85 هزار پريزائيڊنگ آفيسر آهن. هن ٻڌايو ته سمورا چونڊن تي تبصرو ڪندڙ پاڪستان پهچي چڪا آهن، تبصرو ڪندڙن بابت ناڪاري رپورٽن کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان جي اسٽاف کي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي ڏني وئي آهي. گذريل چونڊن ۾ اسان جي آفيسر کي شهيد ڪيو ويو هو. بابر يعقوب چيو ته نيڪٽا سان اجلاس ٿيو 20 هزار جي لڳ ڀڳ حساس پولنگ اسٽيشنون آهن. صوبن کي چيو آهي ته اتي سي سي ٽي وي ڪيميرائون ضرور لڳايو، اليڪشن ڪميشن فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته فوج پريزائيڊنگ آفيسر جي ماتحت ڪم ڪندي. تاثر ڏنو پيو وڃي ته فوج آزاد حيثيت ۾ ڪم ڪندي اهو غلط آهي. هن چيو ته چونڊن جي موقعي تي دهشتگردي جو خطرو هوندو آهي.  اميدوارن جو تحفظ، عملي ۽ پولنگ اسٽيشنن جو تحفظ ضروري آهي. 18 هزار پولنگ اسٽيشنن تي ڪيميرائون لڳايون وينديون. سيڪريٽري جو چوڻ هو ته طئي ٿيل طريقيڪار تي هلنداسين، پوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي. ضابطا اخلاق لکت ۾ رکيو ويو آهي. ڪجهه سياسي پارٽين جي اعتراضن جوڳن اشتهارن جو نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته بيلٽ بڪس ڀرڻ جي ڪوشش تي فوجي جوان آر او ۽ پي او کي ٻڌائيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *